تياڳ پتر

تياڳ پتر: سکن جي مذهب ۾ طلاق کي تياڳ چوندا آهن. هڪ سک فرقي وٽ طلاق جائز ناهي ۽ زال مڙس جو رشتو تاحيات اڻ ٽٽ رهندو آهي. سکن جو ٻيو فرقو ضرورت ۽ مجبوريءَ تحت طلاق ڏيڻ جي حق ۾ آهي. هن طلاق جو سڀ کان وڏو شرط زال مڙس مان ڪنهن به هڪ جو بدڪار ٿيڻ آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سک ڌرم ڇڏي ته ان صورت ۾ به تياڳ پتر ڏنو ۽ ورتو ويندو آهي. اهو به ضروري شرط آهي ته تياڳ سنگت جي ذريعي ٿئي. تياڳ پتر کان پوءِ زال مڙس ۾ سنگت جي فيصلي کان سواءِ ٻيهر ازدواجي تعلقات قائم نٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن ڪو سک پنهنجي نيڪ ڪردار زال کي بي سبب تنگ ڪري ته زال سنگت جي ذريعي انصاف جي حقدار هوندي آهي ۽ آزاد ٿي ٻي شادي ڪري سگهي ٿي .


لفظ تياڳ پترھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو